پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ

پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ

پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ

پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ پارسي شعر ۽ زبان بابت معلومات آهي. ’اطلاع ضروري‘ جي عنوان ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، ”سر وليم جونس ولايت جو مشهور عالم ٿي گذريو آهي، جيڪو فارسي، عربي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندو هو، انهيءَ فارسي زبان ۽ شعر جو تاريخي احوال انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن تان مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.“ هن ڪتاب ۾ پارسيءَ جي شروعاتي تاريخ جي معلومات ميسر آهي، انهيءَ کانسواءِ پارسيءَ جي نامور شاعرن فردوسي، خواجه حافظ شيرازي، سعدي شيرازي ۽ مولانا جامي جا شعر پڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جو 32 صفحن تي مشتمل هي ناياب ڪتاب منشي پوڪر داس ٿانور داس تاجر پنهنجي خرچ سان اسلاميه پريس لاهور مان 1900ع ۾ ڇپرائي شڪارپور مان پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو